نيب جي ٽيم حيدرآباد ۾ ڪارروائي ڪري ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر مشتاق شيخ کي گرفتار

NAB-Arrested-Man--Mushtaq-Mahar--11317

نيب جي ٽيم  حيدرآباد ۾ ڪارروائي ڪري ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر مشتاق شيخ کي گرفتار ڪري سندس  گهر مان 3 ڪلو سون، هڪ ڪروڙ 70لک،  9گاڏيون،37   هزار سعودي ريال، پرائيز بانڊ ۽ قيمتي گهڙيون هٿ ڪيون ويون آهن، نيب ترجمان موجب مشتاق شيخ جا حيدرآباد، ڪراچي ۽ هالا ۾ بنگلن سميت زرعي زمين ۽ فارم هائوسز جا دستاويز به هٿ ڪيا ويا آهن.

NAB-Arrested-Man--Mushtaq-Mahar-1--11317

نيب ترجمان موجب حيدرآباد ۾ ڪارروائي دوران ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر مشتاق شيخ کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي نشاندهي تي سندس رهائشگاهن، شادي هالز ۽ ٻين جاين تي سرچ آپريشن ڪيو ويو.

نيب ترجمان موجب مشتاق شيخ جي گهر مان 9 گاڏيون، 3ڪلو سون، هڪ ڪروڙ 70لک، 9گاڏيون،37   هزار سعودي ريال، پرائيز بانڊ ۽ قيمتي گهڙيون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته  ڪراچي، حيدرآباد ۽ هالا ۾ بنگلن، فليٽس ۽ فارم هائوس جي ملڪيت جا ڪاغذ  به  آيا  آهن.

NAB-Arrested-Man--Mushtaq-Mahar-3--11317

نيب ترجمان موجب  هٿ آيل گاڏين ۾ امپورٽڊ لينڊ ڪروزر،ٽويوٽا ڪرولا، هنڊا سوڪ ۽ ٻيون قيمتي گاڏيون شامل آهن.

نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته مشتاق شيخ خلاف ڪارروائي اڳ ئي گرفتار ڪيل پوليس ڪانسٽيبل يوسف ۽ سندس پٽ جي نشاندهي تي ڪئي وئي، جن کي ڪجهه ڏينهن اڳ لطيف آباد مان گرفتار ڪري ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنسي ۽ قيمتي گاڏيون هٿ ڪيون ويون هيون.

NAB-Arrested-Man--Mushtaq-Mahar-4--11317

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*