ڪراچي ۾ آدمشماري مانيٽرنگ ڪاميٽي پاران آدمشماري بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ سيد جلال محمود شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

Khi-Jalal-Mehmood-Shah-Raily-11317

ڪراچي ۾ آدمشماري مانيٽرنگ ڪاميٽي پاران آدمشماري بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ سيد جلال محمود شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

 قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن  جلال محمود شاهه جي اڳواڻي ڪراچي جي سينٽرل ۽ اولهه ضلعن  ۾ آدمشماري جاڳرتا ريليون ڪڍي  ويون،  جنهن دوران هينڊ بل ورهايا ويا.

ريليز کي  خطاب ڪندي جلال محمود شاهه ۽ ٻين اڳواڻن  چيو ته آدمشماري ۾ سنڌي مادري ٻولي لکرائي گهر جي سڀني ڀاتين کي ڳڻايو  وڃي.

جلال محمود شاهه شهرين تي زور  ڀريو ته  هر شادي شده جوڙو پنهنجو الڳ گهر شمار ڪرائي ۽ آدمشماري ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*