صنعتن واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته 20 کان 31 مارچ تائين اهم فيصلا اچي سگهن ٿا، پاناما فيصلي بعد وڏا نالا سياست ڇڏي ڏيندا

Manzoor-Wasa-Khairpur-11317

صنعتن واري صوبائي وزير منظور وساڻ  چيو آهي ته 20 کان 31 مارچ تائين اهم فيصلا اچي سگهن ٿا، پاناما فيصلي بعد وڏا نالا سياست ڇڏي ڏيندا، وزير اعظم نواز شريف سنڌ ۾ ٺلها اعلان جڏهن ته  پئسا پنجاب ۾  پيو خرچ ڪري، کيس سنڌ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

ڪوٽڏيجي ۾ 70 لک رپين جي لاڳت سان تعمير ڪرايل روڊ جو افتتاح ڪرڻ بعد جلسي کي خطاب ڪندي منظور وساڻ چيو ته پاناما ڪيس جو  فيصلو ملڪ ۾ نئين تاريخ جوڙيندو، فيصلي بعد وڏا نالا سياست ڇڏي ڏيندا.

صوبائي وزير چيو ته ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون 2017جي آخر يا 2018 جي شروع  ۾ ٿي سگهن ٿيون.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف سنڌ جو دورو ڪرڻ ۾ گهڻي دير ڪري ڇڏي آهي، هو سنڌ ۾ ٺلها اعلان پيو ڪري، جڏهن ته  پئسا پنجاب ۾  پيو خرچ ڪري، کيس سنڌ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل کي وڪڻي ميٽرو ۽ گرين بسون هلائڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي.

منظور وساڻ  چيو ته ملڪ کي  سي پيڪ رٿا جو تحفو  نواز شريف نه پر آصف زرداري ڏنو.

صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جو مستقبل روشن آهي، نواز ليگ ملڪ مان بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ ختم نه ڪئي  اسان اقتدار ۾ اچي بجلي جو بحران ختم ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*