دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسان پاڙيسرين سان امن سان رهڻ چاهيون ٿا اسان جي پر امن رهڻ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي
دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسان پاڙيسرين سان امن سان رهڻ چاهيون ٿا اسان جي پر امن رهڻ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.
سيالڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته اسان جو اوڀر ۽ اولهه ۾ هڪ ئي دشمن ڀارت آهي.
خواجه آصف چيو ته هو فوجي عدالتن جي حق ۾ آهي ۽ اسان کي جڏهن فوجي عدالتن جي ضرورت پوندي آهي ته اهي ٺاهيندا آهيون.
خواجه آصف چيو ته فوجي عدالتن جو قيام ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ آهي ته اسان جو موجودهه فوجي نظام تباهه ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته جن ماڻهن اڄ اسان تي بندوقون سڌيون ڪيون آهن انهن کي بندوقون ڪنهن ڏنيون ۽ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته انهن ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي.