پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته حڪومت ذميداري سان فوجي عدالتن بابت سياسي جماعتن جا خدشا ختم ڪري

Qamar-Zaman-221016

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته حڪومت ذميداري سان فوجي عدالتن بابت سياسي جماعتن جا خدشا ختم ڪري، اهو  تاثر ڏنو پيو وڃي ته پ پ فوجي عدالتن جي مخالف آهي.

لاهور ۾ بلاول هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو ته دهشت گردي خلاف جنگ ۾ پيپلز پارٽي سڀني کان اڳيان  بيٺل آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته دهشت گردي مان نوازشريف ۽ عمران خان کي ايترو خطرو ناهي جيترو پيپلز پارٽيءَ کي آهي.

 قمر زمان ڪائره چيو ته شوڪت بسرا پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ وڃي رهيو هو ته مٿس حملو ڪيو ويو، جيڪڏهن مٿس حملو ٻن ڪمپنيز جو معاملو هو تڏهن به معاملي کي ائين ڇڏي ڏيڻ نه گهربو هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*