جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ قبائلي اڳواڻن ۽ فاٽا جي چونڊيل نمائندن جي جرڳي دوران فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ بنا مشاورت جي ضم ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪيو ويو

Mulana-Fazal-13816

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ قبائلي اڳواڻن ۽ فاٽا جي چونڊيل نمائندن جي جرڳي دوران فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾  بنا مشاورت جي ضم ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪيو ويو ، فضل الرحمان چيو آهي ته  ان معاملي تي ڌرڻا هڻڻا پيا ته پوئتي نه هٽنداسين.

پشاور ۾ قبائلي اڳواڻن ۽ فاٽا جي چونڊيل نمائندن جي جرڳي دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته هو قبائلين سان گڏ آهن ۽ قبائلي ساڻن گڏ آهن.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته فاٽا بابت تجويزن کي فوري طور رد يا قبول نٿو ڪري سگهجي، فاٽا جا ماڻهو 125سالن کان هڪ خاص نظام تحت زندگي گذاري رهيا آهن.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته فاٽا ۾ معمول واري زندگي بحال ٿيڻ تائين فاٽا جي سياسي مستقبل جو فيصلو نه ڪيو وڃي.

هن چيو ته جيڪڏهن قبائلي عوام جي راءِ منهنجي راءِ جي ابتڙ اچي ته قبائلين بابت فيصلي کي قبول ڪندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*