سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پاڻي ۽ بجلي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي، وزيراعظم نواز شريف  ڏانهن خط لـِکي، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ پاڻي ۽ بجلي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين زاهد خان جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ خاطرين باجود وفاقي وزير خواجه آصف ۽ پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري اڄوڪي اجلاس ۾ به شرڪت نه ڪئي، جنهن تي ڪميٽي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري جي سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاسن ۾ مسلسل شرڪت نه ڪرڻ تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر زاهد خان سمورن ميمبرز جي مشاورت کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف ڏانهن خط لکيو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي هدايتن باوجود وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪري رهيا آهن، وزيراعظم جو حڪم نه مڃڻ تي ٻنهي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ڪميٽي چيئرمين زاهد خان چيو ته وزارت جي درخواست تي سينيٽ جي  اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس 22 جنوري کان 27 جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو پر اڄ به وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري اجلاس ۾ شرڪت ناهي ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*