سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي

Malir-Police-Operation-11317

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، ڪراچي جي مختلف علائقن مان 32 افغانين سميت 57 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته  اسلام ڪوٽ ۽ جوهي مان به افغانين سميت 32 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ڪراچي جي بن قاسم ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس ڪارروائي ڪري  32 افغانين سميت 57 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ، جن وٽان مختلف قسم جا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

اسلام ڪوٽ ۽ جوهي ۾ پوليس غير قانوني طور ترسيل  افغانين سميت 32 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو، جن کي پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*