پاڪستان ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ آدمشماري جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن

mariyam-Ispr-Gafoor-12317

پاڪستان ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ آدمشماري جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، آدمشماري جا سمورا مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد اين ايف سي ايوارڊ جو جلد اعلان ڪيو ويندو، مملڪتي وزير ۽ پاڪ فوج جي ترجمان ميڊيا کي گڏيل  بريفنگ ڏيندي چيو ته غلط انگ اکر درج ڪرائيندڙن کي  6 مهينا قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي.

اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سان گڏيل آدمشماري جي تيارين بابت ميڊيا کي پريس بريفنگ  ڏيندي چيو ته  ملڪ ۾ 18 سالن کانپوءِ ٿيندڙ ڇهين آدمشماري جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته سموري ملڪ ۾ ٿيندڙ آدمشماري جو پهريون مرحلو 15 مارچ کان 15 اپريل تائين ۽ ٻيو مرحلو 25 اپريل کان 25 مئي تائين مڪمل ڪيو ويندو، آدمشماري بابت غلط معلومات ڏيڻ قانوني طور ڏوهه سمجهيو ويندو.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته، غلط معلومات ڏيندڙ کي 6 مهينا قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا به ملندي.

ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر  ميجر جنرل آصف غفور چيو ته، آدمشماري جي سمورن مرحلن دوران معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ نادرا جو آن لائن سسٽم جي ذريعي  به مدد وٺي سگهبي.

هن چيو ته، آدمشماري دوران پاڪ فوج مڪمل سيڪيورٽي مهيا ڪندي، پاڪ فوج جا اهلڪار ۽ جوان سويلين عملي سان گڏ گهر گهر وڃي آدمشماري ۾ حصو وٺندا.

هن چيو ته آدمشماري دوران سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جا2 لک کان وڌيڪ فوجي جوان مقرر آهن جيڪي  سويلين سان گڏ هر گهر تائين ويندا.

پاڪ فوج جي ترجمان عوام کي آدمشماري ڪندڙ عملي سان مڪمل سهڪار ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته آدمشماري بابت فون نمبر  080057574  تي  رابطو ڪري معلومات وٺي سگهبي.

مريم اونگزيب چيو ته  پاڪ فوج ۽ سويلين عملي لاءِ 6-6 ارب ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ ساڍا 6ارب رپيا رکيا ويا آهن.

مملڪتي وزير مريم اورنگزيب 18 ارب رپين جي خرچ سان ٿيندڙ آدمشماري جي سيڪيورٽي لاءِ  2 لک کان وڌيڪ فوجي جوان مقرر ڪيا ويا آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*