اسلام ڪوٽ ۾ ٿر ڪول منصوبي جي ڊيم جو هنڌ تبديل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

islamkot-holi-12317

اسلام ڪوٽ ۾ ٿر ڪول منصوبي جي ڊيم جو هنڌ تبديل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ليلا رام، لڪڇمڻ، ملوڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿر ڪول منصوبي جي ٺهندڙ ڊيم جو هنڌ تبديل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن 142هين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو.

ڌرڻي ۾ شامل هندو برادري جي ماڻهن هوليءَ جو خوشين ڀريو تهوار ملهائڻ بجاءَ سڄو ڏينهن ڌرڻي ۾ گذاريو.

ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته اسان کان سرڪار ۽ ڪمپني خوشيون کسي ڇڏيون آهن، زبردستي اسان مٿان ڊيم مڙهي اسان جو سڀ ڪجهه تباهه ڪيو پيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڊيم جو هنڌ ٻئي هنڌ تبديل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رکيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*