پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته هو انتظار ۾ آهي ته نواز شريف ڪڏهن ٿو مراد سعيد کان معافي وٺي ۽ جاويد لطيف کي اسيمبلي مان نيڪالي ڏئي

imran-khan-hospital-in-noshero-kp-12317

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته  هو انتظار ۾  آهي ته نواز شريف ڪڏهن ٿو مراد سعيد کان معافي وٺي ۽ جاويد لطيف کي اسيمبلي مان نيڪالي ڏئي.

 ڪي پي جي نوشهره واري علائقي ۾ جماعت اسلامي جي اڳوڻي سربراهه قاضي حسين احمد جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته قاضي حسين احمد قاضي حسين احمد سندس دوست هو پر مولانا فضل الرحمان سان دوستي سبب  ان سان اختلاف هو.

عمران خان چيو ته اسان سڀني کان غلطيون ٿي وينديون آهن، قومون پلن تي سيڙپڪاري سان نه پر انسانن تي سيڙپڪاري سان ٺهنديون آهن.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته جرمني ۽ جاپان ۾ انسانن تي سيڙڪاري ٿي، جنهن بعد اهي سپر پاور بڻجي ويا ۽ ڪي پي ۾ پهريون ڀيرو انسانن تي سيڙپڪاري ٿي آهي.

هن چيو ته ڪي پي ۾ پوليس سموري پاڪستان جي مثالي پوليس بڻجي چڪي آهي ۽ پوليس جون ڀرتيون اين ٽي ايس سسٽم ٿيون آهن.

هن چيو ته ڪي پي ۾ سڀ کان وڌيڪ خرچ تعليم تي ٿيو آهي ۽ ايندڙ سال تائين سمورن غريبن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

عمران خان چيو ته هو جاويد لطيف تي ڳالهائڻ کي پنهنجي توهين سمجهي ٿو  ۽ هو انتظار ۾  آهي ته نواز شريف ڪڏهن ٿو مراد سعيد کان معافي وٺي ۽ جاويد لطيف کي اسيمبلي مان نيڪالي ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*