لاڙڪاڻو پوليس ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران 14 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

لاڙڪاڻو پوليس ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران 14 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس باقراڻي، هٽڙي غلام شاهه، عاقل، نئين ديري ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪري ڦر، چوري ۽ منشيات جي ڪيسن ۾ گهربل 14جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ انور ڀٽو، عمران ڀٽو، وحيد کرل، غلام حسين ڪلهوڙو، حسن علي ڀٽو، طالب سومرو، حب علي انڙ، ماجد کوکر، ماجد سنديلو، ابراهيم جتوئي، حنيف جتوئي، صدورو جتوئي، سليمان جتوئي ۽ لال بخش جتوئي شامل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار ۽ منشيات به هٿ ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*