خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهاز ذريعي بمباري جي نتيجي ۾ 16 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي جي وادي تيره واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهاز ذريعي بمباري جي نتيجي ۾ 16 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن 5 ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا.

سڪيورٽي ذريعن موجب، جيٽ جهازن ذريعي خيبر ايجنسي جي وادي تيره واري علائقي ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو.

ذريعن موجب، بمباري جي نتيجي ۾ اهم ڪمانڊر سميت 16 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.

بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 5 ٺڪاڻا پڻ تباهه ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*