بالي ووڊ جي مشهور اسڪرپٽ رائيٽر ۽ سلمان خان جي والد سليم خان پدماشري ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڀارتي اداڪار سلمان خان جي والد ۽ بالي ووڊ جومشهور اسڪرپٽ رائيٽر سليم خان ڀارتي سرڪار جي پاليسين خلاف احتجاج طور پدماشري ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن يوم جمهوريه واري تقريب دوران سليم خان کي پدما شري ايوارڊ ملڻو هو، جيڪو هن وصول نه ڪيو.

ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سليم خان چيو ته هو پدماشري ايوارڊ خلاف ناهي پر کيس ايوارڊ ڏيڻ ۾ ايتري دير ٿي وئي جو هاڻ ايوارڊ سندس حيثيت کان گهٽ آهي ۽ اهڙو ايوارڊ کانئس جونيئرس کي به ملي چڪو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ سليم خان جو چوڻ هو ته حڪومت جي ڪارڪردگي تي اعتراض آهن پر هو حڪومت سان جهڳڙو نه ٿو ڪرڻ چاهي.

واضع رهي ته سليم خان  ديوار، شعلي، زنجير ۽ ترشول جهڙيون مشهور فلمن جون ڪهاڻيون لکي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*