نئون ديرو ۾ ڳوٺاڻن بااثر جي مبينا زيادتين خلاف هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو

naedro villager pro

نئون ديرو ۾ ڳوٺاڻن بااثر جي مبينا زيادتين خلاف هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ عزت جي وانڍ جي رهواسين ميهر علي کوکر، عطامحمد، الله ورايو ناريجو ۽ سردار شيخ جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهروڪيو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته بااثر شخص پاران مٿن قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن مان هو راڄوڻي فيصلي ۾ بيگناهه ثابت ٿيا هئا.

هنن چيو ته  بااثر کين ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته بااثر جي زيادتين جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*