سپريم ڪورٽ سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪيشن ايجنسي جو سربراهه ڪيڊر آفيسر کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Karachi-24816

سپريم ڪورٽ سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪيشن ايجنسي جو سربراهه ڪيڊر آفيسر کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پاڻي ڪميشن کي ڪم جاري رکڻ ۽ سنڌ حڪومت کي ڪميشن وٽ ماهوار عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي صوبي جي 10 ڊي سيز کي طلب ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ ٽَي رڪني بئنچ سنڌ جي شهرن ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف سيڪريٽري پيش ٿي آبپاشي سيڪريٽري ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي مقرري لاءِ وڌيڪ مهلت گهري.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال واري خراب صورتحال تي ٺهندڙ دستاويزي فلم اسيمبلي ۾ ڏيکاري وڃي ته جيئن چونڊيل نمائنده پنهنجي کاتن جو ڪم ڏسي سگهن، جنهن  تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اها وڊيو وڏي وزير کي ڏيکاري وئي آهي.

عدالت ڪراچي جي ٻن ضلعن مان ڪچرو کڻڻ جي حوالي سان معاهدي بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن تي مڪاني ادارن واري سيڪريٽري چيو ته چيني ڪمپني سان 26 ڊالر في ٽن ڪچرو کڻڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي واٽر بورڊ جي بدترين ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 25 سال کان گندگيءَ خلاف ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿي رهيون آهن پر اڄ تائين ڪو عملي قدم نه کنيو ويو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته حڪومت ۽ مافيا ۾ ڪو فرق هئڻ گهرجي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 13 هزار ملازم آهن، تنهن باوجود وڌيڪ ڀرتي ڪيا پيا وڃن پر ڪم نه ٿي رهيو آهي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته شهر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي ته پرائيوٽ منصوبن لاءِ ڪنيشن ڪيئن پيا ڏنا وڃن، اتان پئسا ملي رهيا هوندا، اوهان ماڻهن اها جرئت ڪيئن ڪئي؟

عدالت ريمارڪس ڏنا ته بيورو ڪريسي کي ڪنهن به احتساب جو ڊپ نه آهي، ڪوٽڙي ٽريٽمينٽ پلانٽ تي هڪ ارب رپيا خرچ ٿي ويا، جيڪو اڃا تائين هليو نه آهي.

عدالت پاڻي ڪميشن کي وڌيڪ ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪميشن جا اختيار پهريان جهڙا ئي هوندا، سنڌ حڪومت کي هر مهيني ڪميشن وٽ عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻي پوندي.

عدالت چيو ته سمورا سيشن ججز به ڪميشن جو حصو هوندا، رپورٽ ڪميشن کي مستقل بنيادن تي جمع ڪرائي ويندي ۽ ڪميشن به رپورٽ تيار ڪري ماهوار سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي.

جسٽس فيصل عرب پڇاڻو ڪيو ته عدالت ايترا حڪم ڏنا، ڇا ڪڏهن ڪنهن کاتي جي وزير يا وڏي وزير اسان جي آبزرويشنز جو نوٽيس ورتو؟ يا ڪنهن وزير سيڪريٽري کان پڇيو؟

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته ڪشمور کان وٺي سامونڊي پٽي تائين زهريلو پاڻي پياريو پيو وڃي، هتي اخلاقي ذميواري جي کوٽ آهي، انهن رپورٽس تي ڪنهن وزير اخلاقي ذميواري جو مظاهرو ڪندي استعيفيٰ ڏني؟

عدالت سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اداري ۾ ڪيڊر آفيسر کي سربراهه مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته افسوس جي ڳالهه آهي ته هتي ماهرن جي ايتري گهٽتائي اچي چڪي آهي جو ڪچرو کڻڻ لاءِ به چين مان ماڻهو گهرائڻا پئجي ويا.

صحت واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو طبي ڪچرو صحيح طريقي سان ڊمپ نه ڪرڻ جو اعتراف ڪندي مسئلي جي حل لاءِ ٽَي کان چار مهيني مهلت گهري، جنهن تي جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته جيستائين چار ماڻهو جيل نه ويندا، هتي معاملا ٺيڪ نه ٿيندا.

درخواستگذار شهاب اوستو موقف اختيار ڪيو ته 40 سيڪڙو ماڻهو خراب پاڻي سبب بيمار ٿين ٿا.

عدالت صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ طبي ڪچرو ضايع ڪرڻ جي مشينري کي فعال بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيني ڪمپني سان سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي معاهدي جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

عدالت صوبي جي ڏهه ڊپٽي ڪمشنرز کي پاڻي ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو.

سنڌ حڪومت طرفان پاڻي ڪميشن جي رپورٽ تي عملدرآمد لاءِ ايڪشن ڪميٽي جوڙي نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو.

عدالت ڪميٽي کي اکين ۾ مٽي وجهڻ برابر قرار ڏيندي چيو ته اوهان سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ڪميٽيون جوڙي رهيا آهيو.

عدالت ملير مان ريتي بجري جي چوري روڪڻ لاءِ به قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*