سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد وڌيڪ تيز ڪرڻ

pm

سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد وڌيڪ تيز ڪرڻ، نيشنل ايڪشن پلان ۽ پاڪ – افغان بارڊر تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي سڪيورٽي اجلاس  ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ، گهرو چوڌري نثار، اسحاق ڊار، سرتاج عزيز ۽ ناصر جنجوعه شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾آپريشن رد الفساد جي هيل تائين ڪاميابين جو جائزو ورتو ويو، وزير اعظم نواز شريف پاران آپريشن رد الفساد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ گرفتارين جي هدايت ڪئي .

اجلاس ۾نيشنل ايڪشن پلان ۽ پاڪ – افغان بارڊر تي سڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته قومي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج هر طرح جي مدد فراهم ڪندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*