پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته فٽنس ۽ فيلڊنگ ۾ قومي ٽيم گهڻو پوئتي آهي

sheriyar khan pcb

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته فٽنس ۽ فيلڊنگ ۾ قومي ٽيم گهڻو پوئتي آهي، مصباح الحق کي بهترين رويي سبب ايوارڊ مليو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو ته ماڻهو پاڪستان کي رانديگرن جي رويي سان به سڃاڻين ٿا، تنهن  ڪري رانديگرن کي رويو بهتر کان بهتر ڪرڻ گهرجي.

شهريار خان وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ جي رانديگرن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، رانديگر سمجهن ته جنهن جي بهتر فٽنس ناهي ان کي ٽيم ۾ جاءِ نه ملندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*