آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سندس عهدي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي

AD-khuwaja

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سندس عهدي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا هو  وزير اعظم  ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي موڪليندو.

آءِ جي سنڌ پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾ سنڌ پوليس جي هڪ سال جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي 32 نقطن تي مشتمل آهن.

آءِ جي سنڌ پاران تيار ڪيل رپورٽ  ۾ هڪ سال دوران ٿيل اهم واقعن جو به ذڪر ڪيو ويو  آهي، جڏهن ته رپورٽ ۾ گذريل سال ٿيل ڏوهن جو  تفصيلي جائرو به شامل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*