اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي

Election-Karachi-28716

اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾  مڪاني ادارن جي  چونڊن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي، نامزدگي فارم 18 کان 20 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهبا، جڏهن ته پولنگ 6 اپريل تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن سانگهڙ جي ٻن، ميرپور خاص ۽ ڪورنگي جي هڪ هڪ سيٽ تي چونڊ شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اميدوار پنهنجا نامزدگي فارم 18 کان 20 مارچ تي جمع ڪرائي سگهندا، جڏهن ته ڪاغذن  جي جاچ  جو عمل  21 کان 22 مارچ تائين جاري رهندو.

اليڪشن ڪميشن موجب مڪاني ادارن جي خالي سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 6 اپريل تي ٿيندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*