عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي وزير اعظم نواز شريف کي خط لکي پنجاب ۾ پختونن خلاف ڪارروائي

asfand yar wali

عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي وزير اعظم نواز شريف کي خط لکي پنجاب ۾ پختونن خلاف ڪارروائي تي احتجاج ۽ گرفتار پختون مزدورن کي فوري طور تي آزاد ڪرائڻ  جو مطالبو ڪيو آهي.

عوامي نيشنل پارٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پارٽي سربراهه اسفند يار ولي وزيراعظم نوازشريف کي خط لکي پنجاب ۾ پختونن خلاف  اختيار ڪيل غيرمناسب روئي  تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

پڌرائي موجب اين پي سربراهه وزير اعظم کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته پنجاب ۾ پختونن خلاف  منظم طريقي سان ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن، پنجاب جي صوبائي وزير پڻ پختونن جي پروفائلنگ ۽ سندن سخت نگراني ڪرڻ  جي تصديق ڪئي آهي.

اسفند يار ولي پنهنجي خط ۾ وزير اعظم کان گرفتار پختون مزدورن کي فوري طور تي آزاد ڪرائڻ  جو مطالبو ڪندي، چيو آهي ته مسئلي کي قانون،آئين ۽ انصاف موجب حل ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*