لاڙڪاڻي ۾ هڪ سال جي ٻارڙي ۾ پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم پهچي ٻارڙي جا سيمپل ورتا آهن

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ هڪ سال جي ٻارڙي ۾ پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن جي  ٽيم پهچي ٻارڙي جا سيمپل ورتا آهن ، ٽيم جو چوڻ آهي ته رپورٽ ٻن کان ٽن هفتن ۾ايندي .

 ڪوثر مل جي رهواسي هڪ سال جي ٻارڙي علي حسن کي پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪرڻ کانپوءِ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو طرفان ڊاڪٽر عاشق جوکيو ،ڊاڪٽر عبدالرحمان بلوچ ۽ڊاڪٽر آصف شهزاد تي جوڙيل ٽيم پهچي ٻارڙي جا جزا ورتا .

ٽيم جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته متاثر ٻارڙي جا جزا ورتا ويا آهن ، جيڪي ٽيسٽ لاءِ اسلام آباد موڪليا ويندا ، جتان 15کان 20 ڏينهن ۾ رپورٽ ايندي جنهن کان پوءِ حتمي ڳالهه ڪري سگهبي ……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*