باڊهه ۾ ٽي مهينا اڳ بيدردي سان قتل ڪيل پورهيت جو خون جو جرڳي ذريعي جوابدار ڌر تي 16 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي

badah

باڊهه ۾ ٽي مهينا اڳ بيدردي سان قتل ڪيل پورهيت جو خون جو جرڳي ذريعي جوابدار ڌر تي 16 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي، رقم جا ڏيڍ لک جوڳي برادري کي ڏنا ويا، باقي رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي.

باڊهه ٿاڻي جي حد اَنبپور ۾ ٽي مهينا اڳ  بيدردي سان قتل ڪيل پورهيت انور جوڳي جي خون جو نبيرو سڪندر زهري جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو.

نبيري ۾ محبوب بروهي تي پورهيت انور جوڳي جو قتل ثابت ٿيڻ تي محبوب بروهي مٿان 16 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو.

ڏنڊ واري رقم مان ڏيڍ لک روپيا جوڳي برادري کي ڏنا ويا بقايا ڏنڊ جي رقم 3 مهينن اندر ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي.

 نبيري بعد ڌريون پاڪ ڪتاب تي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*