ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ ڪي ڊي اي ۽ انٽي انڪروچمينٽ عملي پاران ڪارروائي ڪندي فلاحي پلاٽ تي قبضو ڪري ٺاهيل شادي هال مسمار ڪري ڇڏيا آهن

shadi lawn

ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ ڪي ڊي اي ۽ انٽي انڪروچمينٽ عملي پاران ڪارروائي ڪندي فلاحي پلاٽ تي قبضو ڪري ٺاهيل شادي هال مسمار ڪري ڇڏيا آهن.

نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايڇ ۾ فلاهي پلاٽ ايس ٽي 2 تي قبضو ڪري ٺاهيل غيرقانوني شادي حال ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن.

ڪي ڊي اي انتظاميا ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شهر ۾ قائم غيرقانو ني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون وينديون.

هنن چيو ته قبضا مافيا ڪيترو به بااثر ڇون هجي کين ڪيل قبضي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪي ڊي اي انتظاميا موجب ڊاهي پٽ ڪيل زمين جي قيمت ڪروڙين روپيا آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*