پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي

nisar khoro

 پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ صوبائي وزير  نثار کهڙي چيو آهي ته سندن مطالبي تي 18 سالن بعد ٿيندڙ آدمشماري جي مخالفت نه ڪئي آهي، اجايو واويلا ڪري بي اعتمادي جي فضا قائم ڪئي پئي وڃي.

بلاول هائوس ۾ مختلف پارٽين جي عهديدارن پاران شموليت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي  نثار احمد کهڙي چيو ته وزير اعظم ڪير به هجي فرق نه ٿو پوي پر جهموريت ڊي ريل نه ٿيڻ ڏيندا، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ جو مقصد ڪارڪنن کي سرگرم رکڻ هو.

صوبائي وزير چيو ته پارٽي چيئرمين هميشه عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن آهي ته عوام کي هر صهولت در تي مهيا ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*