ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪاررواين دوران سياسي جماعت جي ٽن جوابدارن سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

Rangers-karachi-2-12

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪاررواين دوران سياسي جماعت جي ٽن جوابدارن سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار جي قبضي مان هٿيار ۽ ڦر ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو.

رينجرز ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب صدر ۽ ملير ۾ ڪاررواين دوران ٽن جوابدارن آصف علي عرف ماڙي پور والا، محمد ڪمال ۽ سلمان عرف چاچا کي گرفتار ڪيو ويو، جن جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي.

ترجمان موجب جوابدار آصف علي عرف ماڙي پور والا بلديا ٽائون جو سيڪٽر انچارج ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي مختلف ڪارواين ۾ ملوث هيو.

رينجرز موجب الفلاح واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ڦر ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث 4 جوابدارن عدنان، محمد حسين، غلام رسول ۽ آصف علي عرف ڪالا کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*