وزيراعظم نوازشريف ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪندي چونڊن جون تياريون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

pm

وزيراعظم نوازشريف ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪندي چونڊن جون تياريون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، نوازشريف چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريل جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو.

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ڪراچي ۾ نواز ليگ سنڌ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خواجا سعيد رفيق، نهال هاشمي، گورنر سنڌ محمد زبير ۽  ن ليگ جي ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وزيراعظم نواز شريف سنڌ اندر ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو اعلان ڪندي پارٽي اڳواڻن کي تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي منصوبي کي سي پيڪ  منصوبي ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، جنهن تي تمام جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.

وزيراعظم چيو ته  ڪراچي ۾ امن امان جي مڪمل بحالي تائين سڪون سان نه ويهنداسي.

نواز شريف چيو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي  لاءِ ڪي فور  منصوبي جي 50 سيڪڙو رقم وفاق ادا ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*