شهدادڪوٽ ۾ يوٿ پروگرام تحت سکيا حاصل ڪندڙ عورتن چئن مهينن کان وظيفو نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو

shadad kot

شهدادڪوٽ ۾ يوٿ پروگرام تحت سکيا حاصل ڪندڙ عورتن چئن مهينن کان وظيفو نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو.

شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ۾ سکيا وٺندڙ عورتن رخسانه چانڊيو، فهميده باريچو ۽ صابره جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙ عورتن جو چوڻ هو ته عليشا ووڪيشنل سينٽر ۾ 6 مهينا سلائي ڪڙهائي جي ٽريننگ حاصل ڪئي پر کين رڳو ٻن مهينن جو وظيفو ڏنو ويو، جنهن مان به هڪ هزار رپيا ڪٽوتي ڪئي وئي.

هنن چتاءُ ڏنو ته يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام تحت سکيا حاصل ڪندڙ عورتن کي وظيفو ڏئي معاوضو ڏنو وڃي،  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*