خيرپور ۾ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

khairpur-map10-8

خيرپور ۾ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ملازمن حاجي فيض محمد ڦلپوٽو ۽ قلندر بخش بوزدار جي اڳواڻي ۾ وي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته يونيورسٽي انتظاميه سازش تحت هولي جو بهانو ڪري موڪل ڪرائي ملازمن جي تحريڪ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي.

هنن مطالبو ڪيو ته ميڊيڪل الائونس، فوتي ڪوٽا ۽ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ سميت سندن سمورا جائز مطالبا منظور ڪري پريشانين مان بچايو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*