لعلورائنڪ جي واپاري کان ڦر خلاف شهرين ۽ واپارين احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي

lalurakain

 لعلورائنڪ جي واپاري کان ڦر خلاف شهرين ۽ واپارين احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

واپارين ۽ شهرين وسيم تنيو کان ڦر خلاف لاڙڪاڻي وارهه روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب گاڏين جي اچ وڃ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦرن جون وارداتون وڌنديون پيون وڃن. انتظاميه بدامني تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪي به خاص قدم نه کڻي رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن وڏي وزير کان مطالبوڪندي چيو ته ڦر واري واقعي جو نوٽيس وٺي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦرن جي وارداتن تي ضابطو آندو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*