لاڙڪاڻي ۽ ميان صاحب ويجهو موٽر سائيڪل ۽ چنگچي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ عورت سميت 2 زخمي ٿي پيا

Accident-Road-27217

لاڙڪاڻي ۽ ميان صاحب ويجهو موٽر سائيڪل ۽ چنگچي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ عورت سميت 2 زخمي ٿي پيا.

سلطان ڪوٽ-زرخيل لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ چنگچي ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب موٽر سائيڪل سوار 50 ورهين جو نذير احمد بڪيجو فوت ٿي ويو ۽ سندس گهر واري شمشاد خاتون زخمي ٿي پئي.

فوتي جو لاش ۽ زخمي عورت کي سلطان ڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عورت کي طبي امداد ڏني وئي.

 لاڙڪاڻي جي آريجا باءِ پاس وٽ تيز رفتار  ٽريڪٽر ڊرائيور جي ظابطي مان نڪري  روڊ جي ڪناري تي بيٺل ماڻهن مٿان چڙهي ويو، جنهن سبب نوجوان سيفل راجپوت فوت ٿي ويو ۽ نوجوان رفيق ابڙو سخت زخمي ٿي پيو. لاش ۽ زخمي کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي رفيق ابڙي جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*