نواز سرڪار سائبر قانون کي مخالفن خلاف استعمال ڪري رهي آهي،پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان

imran khan

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز سرڪار سائبر قانون کي مخالفن خلاف استعمال ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ توڙي شريف خاندان جي بادشاهت قائم ڪرڻ وارين ڪوششن جي مخالفت ڪندي رهندي.

سماجي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته نواز ليگ جي حڪومت بادشاهت قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن جي هو مخالفت ڪندا رهندا.

هن چيو ته وفاقي حڪومت قانون کي غلط استعمال ڪري سياسي مخالفن کي ڌمڪائي رهي آهي، جيڪو بهتر عمل ناهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ڪنهن جي به ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*