پاڪستان ۾ جاري فوجي آپريشنز جو مقصد ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه

Amry-Cheif-Javaid-Bajwa-14317

اسلام آباد ۾   پاڪستان ۽ برطانيا پاران استحڪام ۽ امن جي ڪوششن بابت ٻن ڏينهن وارو سيمينار شروع ٿي ويو آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ۾ جاري فوجي آپريشنز جو مقصد ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ آهي، آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان جاري آهي،

دهشتگرديءَ جون پاڙون پٽي سک جو ساهه کڻنداسين، برطانيا جي اعليٰ فوجي وفد جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل پئٽرڪ سينڊرز دهشت گردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي.

آ ءِ ايس پي آر موجب اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي گڏيل ميزباني هيٺ استحڪام  ۽ امن جي ڪوششن جي تجربن جي مٽا سٽا جي عنوان سان ٻن ڏينهن وارو  سيمينار ڪوٺايو ويو آهي.

 سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي آرمي چيف قمر جاويد باجوه چيو ته ملڪ ۾   2017  کان هلندڙ فوجي آپريشن جو مقصد ملڪ ۾ امن امان ڪرائڻ آ هي.

آرمي چيف چيو ته آپريشن ردالفساد ڪو نئون آپريشن ناهي پر  ملڪ ۾ اڳ کان هلندڙ آپريشن کي آپريشن ردالفساد ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

جنرل قمر جاويد باجوه چيو آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان جاري آهي، دهشتگرديءَ جون پاڙون پٽي سک جو ساهه کڻنداسين.

سيمينار ۾  ليفٽيننٽ جنرل پئٽرڪ سينڊرز جي اڳواڻيءَ ۾ آيل  برطانيا جو اعليٰ فوجي وفد پڻ شرڪت ڪري رهيو آهي.

سيمينار کي خطاب ڪندي ليفٽيننٽ جنرل پئٽرڪ سينڊرز دهشت گردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ قربانين جي ساراهه ڪئي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*