ڪراچي ۾ فنڪشنل ليگ جي وفد ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري سانگهڙ جي پي ايس 81 تي ٿيندڙ ننڊي چونڊ دوران حمايت جي اپيل ڪئي

MQM---PMLF-Meeting-14317

ڪراچي ۾ فنڪشنل ليگ جي وفد ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري سانگهڙ جي پي ايس 81 تي ٿيندڙ ننڊي چونڊ دوران حمايت جي  اپيل ڪئي، خواجه اظهار چيو آهي ته پارٽي سان مشاورت بعد فنڪشنل ليگ اميدوار جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويندو.

فنڪشنل ليگ جي نند ڪمار جي اڳواڻي ۾ وفد متحده جي خواجه اظهار ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته فنڪشنل ليگ سانگهڙ ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ حمايت لاءِ چيو آهي پر اهڙو فيصلو قيادت سان مشاورت بعد ڪيو ويندو.

هن چيو ته اميد آهي ته سانگهڙ ۾ ٿيندڙ چونڊون شفاف نموني ٿينديون ۽ پوليس گردي نه ٿيندي.

فنڪشنل ليگ جي نند ڪمار گوڪلاڻي ننڍي چونڊ دوران فوج جي مقرري جي خواهش ظاهر ڪندي چيو ته ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*