پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري مقتول پ پ اڳواڻ بابر بٽ جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي

Bilawal-14317

پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري مقتول پ پ اڳواڻ بابر بٽ جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري پ پ اڳواڻ جي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مخالفن تي حملا ڪرڻ نواز ليگ جي پراڻي روايت آهي.

بلاول ڀٽو زرداري لاهور جي علائقي لکوڊيرا ۾ پ پ جي مقتول اڳواڻ بابر سهيل بٽ جي گهر وڃي وارثن سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي وارثن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بابر بٽ جي قتل بابت جاچ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي.

پ پ چير مين بابر بٽ جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي  چيو ته بابر بٽ جا قاتل  اڃا تائين  گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري پ پ اڳواڻ جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو ته مخالفن تي حملا ڪرائڻ نواز ليگ جي روايت رهي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*