فوجي عدالتن ۾ واڌ واري معاملي تي پيپلزپارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڊيڊلاڪ اڃا تائين برقرار آهي

Naveed-Qamar-PPP-22217

فوجي عدالتن ۾ واڌ واري معاملي تي پيپلزپارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڊيڊلاڪ اڃا تائين برقرار آهي، قانون واري وزير زاهد حامد جي نويد قمر سان ملاقات به بنا نتيجي ختم ٿي وئي، نويد قمر جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته اڄ به معاملي تي ڪا اڳڀرائي نه ٿيندي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر فوجي عدالتن ۾ واڌ بابت پارليماني پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس گهرايو ته پ پ ان جو بائيڪاٽ نه ڪندي، اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪومت سان فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي وڌيڪ ڳالهين جا امڪان نه آهن.

قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چيمبر  ۾ پ پ اڳواڻ  نويد قمر سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ فوجي عدالتن ۾ واڌ واري معاملي تي پيپلزپارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو.

ملاقات دوران ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، جنهن سبب ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڊيڊ لاڪ اڃا تائين برقرار آهي.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو  ته فوجي عدالتن ۾ واڌ واري مسودي تي حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ اڃا تائين اتفاق نه ٿي سگهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته لڳي ٿو ته اڄ به معاملي تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهندي.

قانون واري  وفاقي وزير زاهد حامد ۽ نويد قمر وچ ۾ ملاقات کان پوءِ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اعتزاز احسن جي چيمبر  ۾ پيپلز پارٽي جو مشاورتي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ فوجي عدالتن ۾ واڌ واري معاملي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي وزير زاهد حامد ۽ نويد قمر وچ ۾ ملاقات ۾ ٿيل ڳالهين تي   غور  ڪيو ويو.

اجلاس ۾ اعتزاز احسن، فاروق ايڇ نائڪ، نويد قمر  ۽ شيري رحمان شرڪت ڪئي.

ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته حڪومت سان فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي وڌيڪ ڳالهين جا امڪان نه آهن.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نويد قمر چيو ته جيڪڏهن  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق فوجي عدالتن ۾ واڌ بابت پارليماني پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس گهرايو ته پ پ ان جو بائيڪاٽ نه ڪندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*