وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو آهي ته، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪ چين دوستي جو مضبوط بنياد رکيو

cm khi

وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو آهي ته، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪ چين دوستي جو مضبوط بنياد رکيو، گورنر محمد زبير چيو آهي ته، سي پيڪ کي ڪالاباغ ڊيم جيان بڻجڻ نه ڏينداسين.

ڪراچي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته چين جو ون بيلٽ ون روڊ واري تصور سان 64 ملڪ پاڻ ۾ ملي ويندا.

سي پيڪ منصوبي بابت ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، هُو پهرين ڏينهن کان سي پيڪ منصوبي جو حامي رهيو آهي، منصوبي سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سي پيڪ ڪاريڊور منصوبي کي ڪراچي سان ملائڻ جي سخت ضرورت آهي، ان سان سي پيڪ کانسواءِ انهن صعتن کي به فائدو رسندو جيڪي ڪاروباري حوالي سان اڳ ۾ ئي چين سان ڳنڍيل آهن.

سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته، چين پاران شروع ڪيل ون بيلٽ ون روڊ وارو تصور معاشي ترقي ۽ رابطن لاءِ تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو، جنهن سان 64 ملڪن جو پاڻ ۾ رابطو ٿي ويندو.

سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورن محمد زبير چيو ته، سي پيڪ منصوبي جي مجموعي سيڙپ 55 ارب ڊالرز آهي، سي پيڪ سان اختلاف جي بنياد تي ان کي رولڙي جي ور چاڙهڻ جون سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

گورنر جو چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاران چين سان جيڪي تعلقات شروع ڪيا هئي، جيڪڏهن انهن تي مستقل انداز ۾ عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان جو نقشو ئي تبديل ٿي وڃي ها…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*