ارسا جي ترجمان چيو آهي ته چئني صوبن کي سندن ضرورتن موجب پاڻي ڏنو پيو وڃي

Irsa-Pakistan-15317

ارسا جي ترجمان چيو آهي ته چئني صوبن کي سندن ضرورتن موجب پاڻي ڏنو پيو وڃي، 25 مارچ کان پوءِ  گرمي پد ۾ واڌ ٿيڻ سان دريائن جي وهڪرن ۾ واڌ اچڻ جي اميد آهي.

ارسا جي ترجمان محمد خالد رانا  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ارسا ايڊوائزري  ڪميٽي جو اجلاس 31 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ چئني صوبن جا آبپاشي سيڪريٽري ۽ موسميات کاتي جا عملدار شرڪت ڪندا.

سندس چوڻ هو ته ايڊوائزري  ڪميٽي پنهنجي اجلاس ۾فصلن لاءِ  موجود پاڻيءَ جو جائزو وٺڻ بعد چئني صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورهاست جو فيصلو ڪيو ويندو.

 ارسا ترجمان چيو ته هن وقت  چئني صوبن کي سندن ضرورتن موجب پاڻي ڏنو پيو وڃي، 25 مارچ کان پوءِ  گرمي پد ۾ واڌ ٿيڻ سان دريائن جي وهڪرن ۾ واڌ اچڻ جي اميد آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*