عدالت جي محفوظ ڪيل فيصلي بابت اڳڪٿي يا تبصرو ڪرڻ عدالت جي احترام جي خلاف آهي، وزير اعظم نواز شريف

Nawaz-Sharif-Quetta-Visit-15317

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته عدالت جي محفوظ ڪيل فيصلي بابت اڳڪٿي يا تبصرو  ڪرڻ  عدالت جي احترام جي خلاف آهي، اسان جو سمورو ملڪ جي ترقي تي آهي، 52 ملڪن سي پيڪ رٿا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطا ڪيا آهن.

گوادر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته عدالت جي محفوظ ڪيل فيصلي بابت اڳڪٿي يا تبصرو  ڪرڻ  عدالت جي احترام جي خلاف آهي،سڀني کي اهڙو عمل ڪرڻ کان پاسو  ڪرڻ گهرجي.

وزير اعظم چيو ته گوادر۽ پسني سميت بلوچستان جي علائقن ۾ ترقي جا بيشمار موقعا آهن، گوادر جي ترقي لاءِ 25 ارب رپين جي ماسٽر پلان جي منطوري ڏني وئي آهي.

نوازشريف چيو ته دنيا جي  52 ملڪن پاڪستان سان  رابطا ڪيا ڪري سي پيڪ رٿا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دلچپسي ظاهرڪئي آهي.

وزير اعظم پسني کان گوادر تائين ڏيڍ سئو ڪلو ميٽر مفاصلو روڊ رستي طئي ڪيو ۽ سفر دوران چيو ته اسان جو سڄو ڌيان ملڪ تعمير ۽ ترقي جو ن رٿائون مڪمل ڪرڻ تي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*