امريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني چيو آهي ته مضمون تي واويلا پاناما پيپر ۽ ٻين معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي

Hussain-Haqani-15317

امريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني چيو آهي ته مضمون تي واويلا پاناما پيپر ۽ ٻين معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، ميمو وقت پارلياماني ڪميشن ناڪافي قرار ڏيندڙ هاڻي پارلياماني ڪميشن چاهين ٿا، جيترو جبل کوٽيو ويندو، اوترائي ڪوئا وڌيڪ نڪرندا.

هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حسين حقاني چيو ته مضمون جي تفصيل کي سمجهڻ بدران لکڻ واري کان پڇيو پيو وڃي ته ان جو مطلب ڇا هئو.

حسين حقاني چيو ته هُن نه انڪشاف ڪيو، نه اعتراف ڪيو ۽ نه ئي الزام لڳايو، رڳو ڪتابن ۽ ميڊيا ۾ ايندڙ ڳالهين تي مضمون لکيو آهي.

هن جو چوڻ هو ته مون اهو لکيو آهي ته سي آءِ اي وارا پاڪستان ۾ هئا، اهو ناهي چيو ته ڪنهن ڄاڻي واڻي رکيا هئا.

اڳوڻي سفير چيو ته مضمون تي واويلا پاناما پيپر ۽ ٻين معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، ميمو وقت پارلياماني ڪميشن ناڪافي قرار ڏيندڙ هاڻي پارلياماني ڪميشن چاهين ٿا.

حسين حقاني وڌيڪ چيو ته جيترو جبل کوٽيو ويندو، اوترائي ڪوئا وڌيڪ نڪرندا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*