پاڪستان دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪيو پر عالمي برادري صرف زباني مدد ڪئي, وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار

Ch-Nisar-121216

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته پاڪستان دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪيو پر عالمي برادري صرف زباني مدد ڪئي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ برطانيا پاران گڏيل طور ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته پاڪستان خطي ۾ سڪيورٽي جي خرابين جا خراب نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، جنهن سبب ملڪ 4 ڏهاڪن کان بحرانن جي ور چڙهيل آهي.

گهرو وزير چيو ته پاڪستان دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪيو پر عالمي برادري صرف زباني مدد ڪئي.

چوڌري نثار چيو ته ڪا به جنگ کٽڻ لاءِ مڪمل اتحاد جي ضرورت هوندي آهي، پاڪستان گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

  گهرو وزير چيو ته اسان جي هٿياربند فوج، پوليس ۽  عوام  وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، جنهن ڪري دهشت گرديءَ ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي آئي آهي.

چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته خطي ۾ اعتماد جي کوٽ ۽ الزام هڻڻ سان خراب نتيجا نڪرندا.

گهرو وزير چيو ته مسئلن جو صرف فوجي حل ڪڍڻ سان   انتظامي ۽ سياسي مسئلا حل  نه ٿا ڪري سگهجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*