چين جي عسڪري قيادت آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج کي ساراهيو آهي آءِ ايس پي آر

جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جي چيئرمين جنرل راشد محمود چين جي سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات ڪري خطي جي صورتحال ۽ عالمي سلامتي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

چين جي دوري تي پهتل جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جي چيئرمين جنرل راشد محمود بيجنگ ۾ چائنه پيپلز اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سميت سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران ٻه طرف لاڳاپن، خطي جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چين جي عسڪري قيادت، آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي ساراهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*