اي ٽي سي ڪورٽ خيرپور پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث چئن جوابدارن کي ٻه ٻه ڀيرا موت جي سزا ۽ جوابدار نويد راڄپر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

atc

 اي ٽي سي ڪورٽ خيرپور پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث چئن جوابدارن کي ٻه ٻه ڀيرا موت جي سزا ۽ جوابدار نويد راڄپر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اي ٽي سي ڪورٽ جي جج ڪوثر بخاري 2014 ۾ قتل ٿيل پوليس اهلڪار ڄام خان جوڳي جي خون جو فيصلو ٻڌايندي چئن جوابدارن کي ٻه ٻه ڀيرا موت جي سزا جي سزا ٻڌائي.

اي ٽي سي ڪورٽ جوابدار  ضمير راڄپر، محبوب راڄپر، پيارو خاصخيلي ۽ اڪبر خاصخيلي جي ملڪيت ضبط ڪرڻ سان مقتول جي وارثن کي اڍائي اڍائي لک ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

اي ٽي سي ڪورٽ جوابدار نويد راڄپر کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

چئني جوابدارن 2014 ۾ ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ۾ ڪوچ ڦردوران هڪ پوليس اهلڪار کي قتل ڪيو هو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*