انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ششانڪ منوهر صرف اٺ مهينن بعد پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

Shashank-Manohar-ICC-india-16317

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ششانڪ منوهر صرف اٺ مهينن بعد پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

59 ورهين جي ششانڪ منوهر گذريل سال مئي ۾ ٻن سالن جي عرصي لاءِ ان عهدي تي بنا مقابلي چيئرمين سليڪٽ ٿيو هو.

ششانڪ منوهر ٻه ڀيرا انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر رهي چڪو آهي.

ششانڪ منوهر پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو ذاتي سبب ڪري عهدي کان ڌار ٿي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته کيس اميد آهي ته آءِ سي سي مستقبل ۾ بهتري طرف ويندو.

واضح رهي ته ششانڪ منوهر ڀارت جو نالي وارو وڪيل آهي ۽ هو ان کان پهرين 2008۽2011۾ بي سي سي آءِ جو صدر رهي چڪو آهي.

ششانڪ منوهر کي جگ موهن ڊالميا جي وفات بعد کيس 2015۾ انڊي ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر چونڊيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*