ميهڙ ۾ ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر جاويد ڏائوچ سول اسپتال ڇاپو هنيو، اسپتال ۾ ايم ايس ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ سوڌو عملي جا 20 ڄڻا غيرحاضر هئا

mehar

ميهڙ ۾ ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر جاويد ڏائوچ سول اسپتال ڇاپو هنيو، اسپتال ۾  ايم ايس ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ سوڌو عملي جا 20 ڄڻا غيرحاضر هئا.

ڊي ايڇ او اسپتال تي ڇاپو هڻي رڪارڊ چيڪ ڪيو ۽ ايم ايس ۽ ڊاڪٽرن سميت عملي جي 20 ڄڻن کي غيرحاضر ڪري ڇڏيو.

ڊاڪٽر جاويد ڏائوچ جو چوڻ هو ته ايم ايس ۽ ڊاڪٽرن سميت غيرحاضر عملي بابت صحت کاتي جي ڊي جي ۽ سيڪريٽري کي رپورٽ اماڻي ويندي.

هن جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ مقرر واحد ڊاڪٽرياڻي کي قانون جي ابتڙ هڪ مهيني جي موڪل ڏني وئي آهي، جنهن بابت سيڪريٽري صحت ۽ ڊي جي کي لکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*