پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نالي واري ڪمنٽيٽر رميزراجه ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ اظهر علي ۽ سهيل خان کي ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ واري فيصلي تي حيرت جو اظهار

Rameez-Raja-8317

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان  ۽ نالي واري ڪمنٽيٽر رميزراجه ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ اظهر علي ۽ سهيل خان کي ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ واري فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ڪرڪيٽرز کي اسڪواڊ ۾ شامل هجڻ گهرجي ها.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته سهيل خان پاڪستان سپر ليگ ۾ 16 وڪيٽون حاصل ڪري سڀ کان پهرين نمبر تي رهيو ۽ هو ننڍي فارميٽ واري ڪرڪيٽ جو بهترين بالر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪامران اڪمل کي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ته پوءِ سهيل خان کي نظر انداز ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ دوران مڪي آرٿر سهيل خان مٿان ڪيترائي ڀيرا ڪاوڙ ڪئي، جيڪو عمل سڀني جي سامهون نه ڪرڻ گهربو هو.

رميزراجه وڌيڪ چيوته اڄ ڪلهه منيجر ۽ ڪوچ جي اهميت گهڻي وڌي وئي آهي ۽ اوچتو فيصلا ٿيڻ لڳا آهن.

 هن وڌيڪ چيو ته اظهر علي ڪپتان جي حيصيت سان ناڪام ثابت ٿيو، پر سندس ڪارڪردگي ايتري خراب نه هئي جو کيس ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*