هلندڙ سال رٿيل اذلان شاهه هاڪي ٽورنامنٽ جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي،قومي هاڪي جي جاءِ تي انگلينڊ جي ٽِيم کي ايونٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي

Hockey-16317

هلندڙ سال رٿيل اذلان شاهه هاڪي ٽورنامنٽ جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي،قومي هاڪي جي جاءِ تي انگلينڊ جي ٽِيم کي ايونٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ڇهه ملڪن وچ ۾ رٿيل اذلان شاهه هاڪي ٽورنامنٽ 27 اپريل کان ملائيشيا جي شهر ايپو ۾ کيڏي ويندي.

ايونٽ جي فائنل 6 مئي تي رٿيل آهي، انتظاميا مطابق ايونٽ ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، انگلينڊ، جاپان ، ڀارت ۽  ميزبان ملائيشيا جون ٽيمون شامل آهن.

ذريعن مطابق پاڪستان هاڪي فيڊريشن ايشين هاڪي فيڊريشن کي خط لکيو آهي،جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته پاڪستان جي ٽيم کي اذلان شاهه هاڪي ٽورنامنٽ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن.

پي ايڇ ايف موقف اختيار ڪيو آهي ته پاڪستان شروع کان وٺي اذلان شاهه ٽورنامنٽ کيڏندو پيو اچي، جنهن سبب کين ايونٽ ۾ شامل ڪيو وڃي.

واضح رهي ته گذريل سال ٿيل ايونٽ ۾ پاڪستان ست ٽيمن ۾ پنجين پوزيشن تي رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*