تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران عمران خان ۽ جهانگير ترين خلاف نااهلي وارا ريفرنسز رد ڪرڻ کانپوءِ اسپيڪر اياز صادق کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي

naeem ul haq

تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران عمران خان ۽ جهانگير ترين خلاف نااهلي وارا ريفرنسز رد ڪرڻ کانپوءِ اسپيڪر اياز صادق کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو نالو تحريڪ الزام بڻجي ويو آهي، عمران خان ۽ جهانگير ترين کي بي نقاب ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق چيو ته لکين رپيا فيس وٺندڙ وڪيل عمران خان ۽ جهانگير ترين خلاف ڪجهه به ثابت  ڪري نه سگهيا آهن.

هن چيو ته تحريڪ انصاف اڄ کان اسپيڪر اياز صادق خلاف احتجاج شروع ڪري رهي آهي.

نعيم الحق وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته ايندڙ عام چونڊون صاف ۽ شفاف نموني سان ٿيڻ گهرجن.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو ته تحريڪ انصاف جو نالو تحريڪ الزام بڻجي ويو آهي، عمران خان ۽ جهانگير ترين کي بي نقاب ڪيو ويندو.

دانيال عزيز چيو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين جي دل ۾ چور آهي، مسلم ليگ نون اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بابت هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو حق رکي ٿي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*