سنڌ ۾ مردم شماري جو پهريون مرحلو جاري، ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ٻئي ڏينهن به گهرن ۽ گهراڻن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي

mardamshumari

سنڌ ۾ مردم شماري جو پهريون مرحلو جاري، ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ٻئي ڏينهن به گهرن ۽ گهراڻن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي، ڪراچي ۾ قائم ڪنٽرول روم پينسل سان فارم ڀرڻ واريون شڪايتون ملڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ڇهين آدمشماري لاءِ شماريات کاتي پاران مقرر ڪيل انيومريٽرز ۽ ٻيو عملو اڄ ٻئي ڏينهن به گهرن جي ڳڻپ ڪري گهراڻا نمبر الاٽ ڪري رهيو آهي.

آدمشماري عملي کي فوج، رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار سڪيورٽي فراهم ڪري رهيا آهن.

ننڍن وڏن شهرن ۾ گاڏين ۾ عملي کي مخصوص بلاڪس اندر رجسٽريشن لاءِپهچايو پيو وڃي، جڏهن ته علائقي ۾ گهر گهر رجسٽريشن دوران مقامي ماڻهو به سهڪار ڪري رهيا آهن.

ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي آدمشماري جي مانيٽرنگ لاءِ قائم ڪنٽرول رومز مان صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به پينسل سان فارم ڀرڻ جو سلسلو جاري رهيو، ڪنٽرول روم  اختيارين 8 هنڌن تان اهڙيون شڪايتون ملڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ڪنٽرول روم انچارج  زاهد حسين ٻڌايو ته ضلعي ڪورنگي، اوڀر ۽ ملير جي ڪجهه علائقن مان شهرين شڪايت ڪئي آهي ته عملو پينسل سان فارمز ڀري رهيو آهي.

ڪنٽرول روم انچارج جو چوڻ آهي ته شڪايتن جي ازالي لاءِ فوري طور هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن کان پينسل ذريعي فارمس ڀري مردم شماري کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوششن بابت گذريل ڏينهن کان خبرون نشر ٿيڻ باوجود شماريات کاتي جي اعليٰ اختيارين ڪو نوٽيس ناهي ورتو نه ئي ڪنهن جاچ جو ڪو حڪم ڏنو ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*