مسلم ليگ نون جي ميمبر جاويد لطيف پارليامينٽ ۾ ٿيل جهيڙي واري واقعي بابت ايوان ۽ پي ٽي آءِ ميمبر مراد سعيد کان معافي وٺي ڇڏي آهي

National-Assembly-9816

مسلم ليگ نون جي ميمبر جاويد لطيف پارليامينٽ ۾ ٿيل جهيڙي واري واقعي بابت ايوان ۽ پي ٽي آءِ ميمبر مراد سعيد کان معافي وٺي ڇڏي آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نواز ليگ ميمبر جاويد لطيف چيو ته جهيڙي واري ڏينهن جيڪو ڪجهه سندس وات مان نڪتو، ان تي هو شرمندو آهي.

جاويد لطيف چيو ته مراد سعيد ۽ سندس گهر وارن کان هو پنهنجي ڪيل غلط عمل تي معافي وٺي ٿو.

تحريڪ انصاف جي ميمبر مراد سعيد چيو ته هشتگردي خلاف جنگ ۾ سندس عزيزن کي گوليون لڳيون آهن.

پي ٽي آءِ ميمبر مراد سعيد وڌيڪ چيو ته ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي گاريون ڏنيون پيون وڃن، جيڪو غلط عمل آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*